تاريخ تمدن سنڌ

تاريخ تمدن سنڌ

تاريخ تمدن سنڌ

تاريخ تمدن سنڌ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جو سنڌ جي قديم تمدن تي لکيل آهي، ليکڪ هن ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”اسان وٽ هن وقت سنڌ جون جيڪي به تاريخون موجود آهن سي راءِ گهراڻي 450ع کان شروع ٿين ٿيون. ان کانسواءِ انهن تاريخن ۾ تمدنِ سنڌ متعلق مفصل بيان ڏنل ڪونه آهي. اهڙي خامي کي مٽائڻ لاءِ مون هي ڪتاب تصنيف ڪيو آهي.“ جيئن ته سنڌ جو تمدن تاريخ جي دور کان اڳ نينوا، ايشيا، بابل، ميهفس، ٽيبس ۽ صور (ٽاٻڙي) سان وڃي ڳنڍجي ٿو، اهڙيءَ طرح هي ڪتاب سنڌ جي تمدن بابت مفصل ڪتاب آهي. مصنف ٻڌايو آهي ته سنڌ جي تمدن بابت سرجان مارشل، مسٽر مئڪي، مسٽر وهيلر ۽ مسٽر سرالي سٺو ڪم ڪيو آهي، هن ڪتاب کي لکڻ وقت به انهن صاحبن جي ڪتابن مان مدد ورتي وئي آهي. هي ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي. پهرين حصي ۾ 500 ق.م کان وٺي 710ع اسلامي ڪاهه جي زماني تائين جو ذڪر آهي ۽ ان ۾ ست باب آهن، باب پهرئين ۾ قديم دور، باب ٻئي ۾ آريائي دور، باب ٽئين ۾ برهمڻ دور، باب چوٿين ۾ جين ۽ ٻڌ ڌرم دور، باب پنجين ۾ ايراني دور، باب ڇهين ۾ يوناني دور، باب ستين ۾ وچئين دور جو احوال آهي. ڪتاب جي حصي ٻئي ۾ 3 باب آهن، باب پهرئين ۾ برهمڻ دور، باب ٻئي ۾ عربي دور ۽ باب ٽئين ۾ غزنوي، غوري، غلام، خلجي، تغلق ۽ سومرن جي دور جو تفصيل آهي. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي حصي ٽئين ۾ به ٽي باب آهن، باب پهرئين ۾ سما، ارغون ۽ ترخان دور، باب ٻئي ۾ مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۽ باب ٽئين ۾ ٽالپري دور جو ذڪر آهي. رايل سائيز جي هن ڪــتاب جـا 628 صفحا آهن ۽ قيمت 12 رپيا 8 آنا ۽ 628 صفحا هئا، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ پريس حيدرآباد مان، سال 1959ع ۾ ڇپيو. جڏهن ته سنڌالاجي پاران 1995ع ۾ ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع ڪيو ويو، جيڪو ڊيمي سائيز جي 783 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 275 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو